ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپراسٽار عامر خان جي پٽ جنيد خان چيو ته عامر خان جو پٽ ٿيڻ اهڙي پاڇو آهي جنهن مان ٻاهر نڪرڻ ممڪن ناهي، پيءُ جي مقام تي پڄڻ ۾ سڄي زندگي لڳي ويندي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ويجهڙ ۾ جنيد خان پنهنجي فلم ”ايڪ دن“ جي ساٿي اداڪارا ساءِ پلوي سان گڏ ڳالهائيندي چيو ته ”عامر خان جو پٽ هجڻ واري ڇاپ ڪڏهن ختم نه ٿيندي، پيءُ 35 سالن کان اسٽار آهي، منهنجي ساڻس ڪائي ڀيٽ ناهي، مونکي ان جاءِ تي پڄڻ ۾ سڄي زندگي لڳي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته هو رڳو اهڙي فلمن جو حصو ٿيڻ چاهي ٿو جتي ڪم خوشگوار هجي ۽ پراجيڪٽس سندس دل جي ويجهو هجن، مهاراج جي تجربي ڏاڍومتاثر ڪيو آهي.