ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا پريتي زنٽا فلم سولجر جي ڏينهن جو دلچسپ واقعو شيئر ڪيو ۽ چيو ته بوبي ديول جي هني مون جي موقعي تي هوءَ ڪباب ۾ هڏي بڻجي وئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪارا پريتي زنٽا ايڪس تي فلم ”سولجر“ جا ڪجهه منظر مداحن سان شيئر ڪيا ۽ لکيو ته آسٽريليا ۾ پهريون ڀيرو آئوٽ ڊور شوٽنگ دوران بوبي ديول سان سندس يادگار وقت گذريو.“
پريتي زنٽا موجب، بوبي ديول ۽ سندس زال تانيا جي هني مون دوران هوءَ ڪباب ۾ هڏي بڻجي وئي هئي ۽ هر وقت ساڻن گڏ رهي.
اداڪارا وڌيڪ لکيو ته ”ڪجهه دوستيون وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿينديون آهن، بوبي ۽ تانيا جي پريم ڪهاڻي کي هن شروع کان ويجهي کان ڏٺو آهي آسٽريليا ۾ فلمبندي دوران هوءَ اسان سان گڏ هئي.