شيما ڪرماني سان پوليس جي ورتاءُ جي سخت مذمت ڪيون ٿا:عورت فائونڊيشن

ڪراچي (پ ر)عورت فائونڊيشن چيو آهي ته شيما ڪرماني سان پوليس جي ورتاءُ جي سخت مذمت ڪيون ٿا، موجوده جمهوري دور ۾ هر شهري کي اظهار جي آزادي جو آئيني حق حاصل آهي ۽ هن حق جي استعمال ۾ رڪاوٽ وجهڻ ڪنهن به صورت قبول ناهي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته عورت فائونڊيشن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شيما ڪرماني پريس ڪانفرنس لاءِ پريس ڪلب وڃي رهي هئي پر پريس ڪلب داخل ٿيڻ تي ان سان بدسلوڪي ڪئي وئي، جيڪا نه رڳو افسوسناڪ آهي پر بنيادي شهري حقن جي ڀڃڪڙي پڻ آهي.عورت فائونڊيشن مطالبو ڪري ٿي ته هن واقعي ۾ ملوث پوليس آفيسر خلاف  فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، ان کي معطل ڪيو وڃي ۽ شيما ڪرماني کان باضابطه طور تي معافي ورتي وڃي، عورت فائونڊيشن پوليس جي هن غير ذميوار ۽ غير پيشيواراڻي رويي جي سخت مذمت ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.