پاڪستان جي مشهور ٽي وي هوسٽ ۽ ماڊل عفت عمر تازو پنهنجي ذاتي زندگي بابت انٽرويو ۾ کُلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
رپورٽ موجب هڪ يوٽيوب چينل جي پوڊڪاسٽ ۾ پاڪستاني ماڊل ۽ ميزبان عفت عمر پنهنجي معاشي ۽ پنهنجي چهري جي رنگ بابت کليل نموني ڳالهايو.
هن ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس تعلق هڪ غريب گهراڻي سان رهيو آهي، حالانڪي هوءَ سٺي اسڪول مان پڙهي آهي. هن چيو ته سندس رنگ بابت طنز ڀريا لفظ ڳالهايا ويندا هيا پر هن ڪڏهن ڌيان نه ڏنو ۽ اڳتي وڌي.
هن انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته پيءُ جي محرومي ۽ معاشي مسئلن سميت رنگ بابت ڳالهايون ٻُڌي سندس احساس ڪمتري کيس ماڊلنگ طرف ڌڪيو.
هن چيو ته ماڻهن کي حيراني ٿيندي هئي ته اهڙي ڇوڪري ماڊلنگ ڪري رهي آهي. پنهنجي شادي بابت ڳالهائيندي چيو ته ماڻهو چوندا هيا هن جي شادي ڪجهه مهينن کان وڌيڪ نه هلندي پر هن ڏکيائين ۾ به ڏاڍي ڪامياب زندگي گذاري آهي.