پاڪستان جي مشهور اداڪار عمران عباس ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ دوران ٻولي ۽ لهجي ۾ فرق بابت پنهنجا تجربا شيئر ڪندي انڪشاف ڪيو ته اردو اصل لهجي کي برقرار رکڻ ڪيترين ئي جاين تي هن لاءِ مشڪل بڻجي ويو.
رپورٽ موجب هڪ خانگي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمران عباس ٻڌايو ته ڀارتي شوبز انڊسٽري ۾ اردو لفظن جي لهجي ۾ وڏو فرق آهي، خاص ڪري ”خ“ ۽ ڪجهه ٻين لفظن جي ادائگي ۾ به فرق آهي. هن موجب ڀارتي فنڪار اڪثر اردو لفظن کي هندي انداز ۾ ادا ڪندا آهن، جنهن سان ٻوليءَ جي اصل خوبصورتي متاثر ٿيندي آهي.
هن ٻڌايو ته فلم ”جان نثار“ ۾ بپاشا باسو سان گڏ ڪم ڪندي کيس ڪجهه لفظن جو انداز مٽائڻ لاءِ چيو ويو، پر هن پنهنجو اصل انداز برقرار رکيو. اهڙي ريت ”اي دل هي مشڪل“ جي شوٽنگ دوران به کيس اهڙي نوعيت جي ٻولي جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو.
عمران عباس چيو ته لفظ ”بيوقوف“ جهڙو عام لفظ به مختلف آهي. ان هوندي هو سمجهي ٿو ته اها تبديلي مختلف ثقافتي پس منظر جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ ان کي مثبت انداز ۾ ڏسڻ گهرجي.