فجيرا بندرگاهه تي سائبر حملو، لکين ڳجها دستاويز چوري، هيڪرن پاران يو اَي اِي کي ”سنگين نتيجا“ ڀوڳڻ جي ڌمڪي

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) هيڪرز گڏيل عرب امارات جي فجيرا بندرگاهه خلاف سائبر آپريشن ڪري لکين ڳجها دستاويز چوري ڪري ورتا
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هيڪر گروپ ”حنظلا“ طرفان يو اي اي جي فجيرا بندرگاهه خلاف سائبر آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ شپنگ، ماليات ۽ انفرااسٽرڪچر بابت 4 لک 30 هزار کان وڌيڪ ڳجها دستاويز چوري ڪيا ويا آهن.
هيڪرز جو چوڻ آهي ته انهن ڳجهن دستاويزن کي فجيرا تي ٽارگيٽڊ حملن ۾ سهڪار لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
هيڪر گروپ وڌيڪ چيو ته يو اي اي، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سهڪار اسان جي نگراني ۾ آهي ۽ ان جا سنگين نتيجا نڪرندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.