اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز) انساني حقن جو ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ عدليه جي آزاديءَ ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته 27هين آئيني ترميم عدالتي مقررين ۾ انتظاميا جو اثر وڌائي ڇڏيو آهي۔ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي فيصلن فوجي عدالتن ۾ شهري ماڻهن جي ٽرائل لاءِ راهه هموار ڪئي، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي مخصوص سيٽن کان محروم ڪري جمهوري عمل کي وڌيڪ محدود ڪيو ويو آهي۔تفصيلن موجب انساني حقن جي ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ پاڪستان اندر گذريل سال اظهار جي آزادي، شهري آزادين، عدليه جي آزادي ۽ انساني حقن جي صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي۔ رپورٽ موجب 2025ع دوران اختيار ۽ احتساب بابت سوال اٿاريندڙن کي چيڀاٽڻ جي مهم هلائي وئي۔رپورٽ مطابق پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمن، غداريءَ وارن قانونن ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت قانونن کي استعمال ڪندي صحافين، سياسي ڪارڪنن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ وڪيلن کي نشانو بڻايو ويو۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڌمڪيون، جبري گمشدگيون ۽ چرپر تي پابنديون عام رهيون، جنهن سبب خود سينسرشپ جو ماحول پيدا ٿيو ۽ عوامي بحث محدود ٿي ويو۔رپورٽ موجب وفاق ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ايڪٽ 1997ع ۾ ترميمن ذريعي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بغير الزام ۽ عدالتي نگرانيءَ جي ڪنهن به شخص کي ٽن مهينن تائين حراست ۾ رکڻ جو اختيار ڏنو ويو، جيڪو بنيادي حقن، قانوني طريقيڪار ۽ من ماني گرفتاريءَ کان تحفظ کي سخت متاثر ڪري ٿو۔ رپورٽ موجب عدليه جي آزاديءَ ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي۔رپورٽ مطابق 27هين آئيني ترميم ذريعي عدالتي مقررين ۾ انتظاميا جو اثر وڌايو ويو۔ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي فيصلن فوجي عدالتن ۾ شهري ماڻهن جي ٽرائل جي راهه هموار ڪئي ۽ پي ٽي آءِ کي 2024ع جي مخصوص سيٽن کان محروم ڪري جمهوري عمل کي وڌيڪ تنگ ڪيو ويو۔رپورٽ موجب سيڪيورٽي چئلينجن به انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ اضافو ڪيو۔ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ عسڪريت پسندي ۽ دهشتگرديءَ خلاف آپريشنن دوران وڏي انگ ۾ شهري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار مارجي ويا۔ رپورٽ موجب جبري گمشدگيون، ماوراءِ عدالت قتل ۽ اجتماعي سزائون جاري رهيون۔رپورٽ مطابق عورتون، ٻار، مذهبي اقليتون ۽ ٽرانس جينڊر ماڻهو سميت ڪمزور طبقا تشدد ۽ امتيازي سلوڪ جو شڪار رهيا۔رپورٽ موجب ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ صفائي عملي جي تحفظ ۾ ڪا خاص بهتري نه آئي۔رپورٽ ۾ ڪجهه مثبت اڳڀرائين جو به ذڪر ڪيو ويو آهي۔ نيشنل ڪميشن فار اقليتون ايڪٽ جي منظوري مذهبي اقليتن لاءِ اهم قدم قرار ڏني وئي آهي۔ اسلام آباد ۽ بلوچستان ۾ ٻارن جي شادي روڪڻ بابت قانون منظور ڪيا ويا۔اعليٰ عدليه وراثت ۽ شاديءَ جي معاملن ۾ عورتن جي حقن کي مضبوط ڪرڻ وارا اهم فيصلا پڻ ڪيا، جڏهن ته صوبائي سطح تي فلاحي قدمن ۽ سڌارن جو سلسلو به جاري رهيو۔عسڪريت پسندي ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڪارروائين سبب خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان غيرمتناسب طور متاثر ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ شهري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار مارجي ويا۔جبري گمشدگيون، ماوراءِ عدالت قتل ۽ اجتماعي سزائن جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته عورتون، ٻار، مذهبي اقليتون ۽ ٽرانس جينڊر ماڻهو سميت ڪمزور طبقا بغير مناسب داد رسيءَ جي تشدد ۽ امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيندا رهيا۔کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ۽ صفائي عملي جا ڪارڪن خاص طور حادثن جو شڪار رهيا ۽ سندن تحفظ بهتر بڻائڻ لاءِ تمام گهٽ اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي۔جيتوڻيڪ موسمياتي آفتون، خاص طور گلگت بلتستان ۾، ڪيترين ئي جاني نقصانن ۽ بنيادي ڍانچي جي تباهيءَ جو سبب بڻيون، پر حڪومتي ردعمل ڊگهي مدي وارن قدمن بدران عارضي ۽ هنگامي نوعيت جو رهيو۔رپورٽ ۾ ڪجهه مثبت قدمن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي۔ “نيشنل ڪميشن فار مائنارٽيز ايڪٽ” جو نفاذ مذهبي اقليتن جي ادارياتي تحفظ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو ويو آهي۔اسلام آباد ۽ بلوچستان ۾ گهٽ عمر جي شاديءَ تي پابنديءَ وارا قانون ٻارن جي تحفظ ڏانهن اهم اڳڀرائي قرار ڏنا ويا، جڏهن ته ملڪ جي اعليٰ عدالتن عورتن جي وراثت ۽ نڪاح سان لاڳاپيل معاملن ۾ اهم فيصلا ڪندي سندن حقن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو۔صوبائي سطح تي ڪجهه فلاحي قدمن ۽ ادارياتي سڌارن به ڪنهن حد تائين رليف فراهم ڪيو، پر اها اڳڀرائي تمام سست رفتاريءَ جو شڪار رهي۔رپورٽ بابت بريفنگ دوران چيئرپرسن اسد اقبال بٽ، اڳوڻي چيئرپرسن حنا جيلاني، ڪو چيئر منيزه جهانگير، وائيس چيئر نسرين اظهر ۽ سيڪريٽري جنرل حارث خليق رپورٽ جي اهم پهلوئن تي روشني وڌي ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا۔
ڪلوئي ۾ بااثر جي ڀاڻيجي پاران ناري سان زيادتي، ٿاڻي اندر جرڳو
ڪلوئي (عوامي آواز نيوز) ڪلوئي ڀرسان بااثر جي ڀاڻيجي پاران ناري سان جنسي زيادتي جو ٿاڻي اندر جرڳو ڪيوويو، ذريعن جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته ڪلوئي ڀرسان بااثر جي ڀاڻيجي پاران پرڻيل عورت سان جنسي زيادتي جو جرڳو ٿيو، مهينو اڳ بااثر زميندار جي ڀاڻيجي پاران ناري شانتي ڪولهي سان زيادتي جو ٿاڻي اندر جرڳو ڪري ڏنڊ 80 هزار رپيا متاثر ناري ۽ سندس وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، مهينو گذرڻ کان پوءِ بااثر زميندار پوليس جي مدد سان متاثر عورت جي مڙس کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو، ميوو ڪولهي جو چوڻ آهي ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڀاءُ شادو ڪولهي کي گم ڪيو ويو آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ لوڊشيڊنگ،پاڻي کوٽ ۽ نياڻين جي هراسمينٽ واقعن خلاف احتجاج
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سراج قاسم سومرو ايوان کي آگاهي ڏني آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ايم ڪيو ايم جي ميمبرن عادل عسڪري ۽ اعجاز الحق نشاندهي ڪئي ته اورنگي ٽائون ۾ 15 لک ماڻهو پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان آهن. ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته حيدرآباد ۾ به پاڻي جي سخت کوٽ آهي، اتي 100 ملين ايم جي ڊي پاڻي جي ضرورت آهي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ بند آهن، اهي ڪڏهن کلندا؟ پارلياماني سيڪريٽري چيو ته جام چڪرو جي ٽي ايس جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. سنڌ سالڊ ويسٽ حيدرآباد لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ به ڪم ڪري ٿي، پر بدقسمتي سان ڪيترائي ماڻهو پنهنجن گهرن جي ٻاهران ڪچرو اڇلائيندا آهن. هن چيو ته ڪچرو ٽن هنڌن تان گذرڻ کان پوءِ لينڊ فل سائيٽ تي کڻي ويندا آهن. هن چيو ته اسان اهو نٿا چئون ته ڪراچي ۾ مڪمل ڪچرو گڏ ڪيو وڃي، پر اسان هميشه بهتري لاءِ ڪوشش ڪندا آهيون. ايم ڪيو ايم جي شارق جمال چيو ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي آهي. ماڻهو پلاسٽڪ جي ٿيلهين استعمال ڪندا آهن ۽ اڇلائيندا آهن. ايم ڪيو ايم ميمبر ڊاڪٽر فوزيه حميد چيو ته صدر جي تازي چين جي دوري دوران هڪ ايم او يو تي به صحيحون ٿيون، ڪراچي جا ماڻهو پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ ترپي رهيا آهن. 2004 کان وٺي 2026 ٿي چڪو آهي، هاڻي اهي اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته ڪي-4 ۾ غلطي آهي، حڪومت اهڙا نااهل صلاحڪار ڇو رکيا. ايم ڪيو ايم جي اعجاز الحق چيو ته هي منصوبو 22 سالن کان هلي رهيو آهي، ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلو آهي ۽ هاڻي ٽيڪنيڪل ٽيم کي تبديل ڪرڻ ضروري ٿي ويو آهي. سراج قاسم سومرو، چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، اها هڪ حقيقت آهي، ڪمپني چوي ٿي ته اهو 2026 ۾ مڪمل ٿيندو. مون کي لڳي ٿو ته ڪي-4 2027 ۾ مڪمل ٿيندو. سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي صلاح ڏني آهي ته اهي سنڌ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ سنڌ جي غريب صارفين سان بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي بدسلوڪي خلاف وفاقي حڪومت سان ڳالهائين ۽ ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي به اهو مسئلو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ گهرجي. هن اهو اظهار متحده جي ميمبر قرت العين جي ڌيان ڇڪائڻ واري نوٽيس جي جواب ۾ ڪيو. عورت ميمبر چيو ته سنڌ ۾ گرمي جي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ اڄ گرم ترين ڏينهن آهي. ٿڌن ڪمرن ۾ ويهڻ وارن کي گرمي بابت ڇا خبر آهي؟ هن چيو ته ڪجهه ڪئمپون لڳائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. طبي ڪئمپ لڳائڻ گهرجن. شهر ۾ ٻارهن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ آهي. قرت العين چيو ته سنڌ ۾ پندرهن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ به ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر فوزيه حميد يونيورسٽي ڪيمپس ۽ هاسٽلن ۾ ڇوڪرين جي هراساني جي واقعن ۾ واڌ بابت پنهنجو ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. هن چيو ته ڪجهه سالن کان تعليمي ادارن ۾ اهڙا واقعا وڌيا آهن. هن چيو ته هوءَ 250 ڪيسن کان واقف آهي. ان کان وڌيڪ ڪيس غير رجسٽرڊ آهن. يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي بورڊن جي وزير اسماعيل راهو چيو ته اهڙا واقعا سڀني يونيورسٽين ۾ ٿيا آهن. اتي هراساني ڪميٽيون آهن جيڪي ان تي ڪارروائي ڪري رهيون آهن. جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق پنهنجي نوٽيس ۾ چيو ته منهنجي تڪ شاهه فيصل ۾ هر هنڌ ڪچري جا ڍير آهن. ڇا گهر گهر ڪچرو گڏ ڪرڻ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جو ڪم آهي؟ هن چيو ته 45 ارب رپيا پرڏيهي ڪمپنين کي ڏنا ويا. سنڌ سالڊ ويسٽ گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ ڪارنهن الزام تي عورتن جي قتل عام جو پڙاڏو
ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ٽنڊي مستي واقعي ۾ هن ايس ايس پي خيرپور کي صبح جو 3 وڳي حڪم ڏنو ته هڪ معصوم ڇوڪري جي قتل ۾ ملوث سردارن کي گرفتار ڪيو وڃي. اسيمبلي ميمبر عادل عسڪري پاران ان حوالي سان ايوان ۾ اٿاريل معاملو اهم آهي، پر سندس التوا جي رٿ قانون جي مطابق نه هئي، تنهن ڪري مان تجويز ڏيان ٿو ته هڪ گڏيل رٿ آندي وڃي ته جيئن هن مسئلي تي اسيمبلي ۾ بحث ٿي سگهي. هن چيو ته اسلام ۾ به ان جي ڪا گنجائش ناهي. مان چاهيان ٿو ته ڪارو ڪاري جو رواج ختم ٿئي. سڄي ملڪ ۾ ان خلاف قانون سازي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اهڙا واقعا وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ به ٿين ٿا. رياست کي هن معاملي تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. قانون واري وزير چيو ته اسان کي هن مسئلي تي ويٺي ڳالهائڻو پوندو. سنڌ جا ماڻهو بي شرم نه آهن. سنڌ حڪومت قانون سازي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ عادل عسڪري پنهنجي اعتراض واري نقطي تي چيو ته سنڌ ۾ هڪ ڌيءَ روبينا چانڊيو کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو، اهو بي غيرتي جي نالي تي قتل آهي. هن چيو ته ڪاروبار جي نالي تي اپر سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ واقعا ٿي رهيا آهن،
پيءُ جي پڳ مارائي وڌو:روهڙي ڀرسان عدالت ۾ پيش ڪيل ناري والد حوالي ٿيڻ بعد قتل
سکر/ روهڙي (نمائندن وٽان) پيءُ جي پڳ مارائي وڌو، روهڙي ڀرسان ٻن ٻارڙن جي ماءُ گلان ڀارو کي ڪارنهن الزام مڙهي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، عدالت ۾ والد طرفان پٽڪو پيرن تي رکڻ کان پوءِ ناري گلان ڀارو چيو هو ته مون کي پڪ آھي ته مونکي قتل ڪيو ويندو، پر پيءُ پٽڪو لاھي ڏنو آھي، پيءُ جي عزت خاطر موت به قبول آھي، جهانگڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهه بخش ڀارو ۾ ٻن ٻارڙن جي ماءُ گلان ڀارو کي ڪارنهن الزام مڙهي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ ناري گلان ڀارو ڪارنهن جو الزام لڳڻ بعد سکر جي سيشن ڪورٽ پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي هئي، پيءُ امداد ڀارو جي منٿن بعد ناري گـُلان ڀارو گهر وڃڻ لاءِ راضي ٿي، اڄ کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ذريعن موجب مقتولا ڪجهه ڏينهن اڳ جان بچائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتي هئي ۽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران به پنهنجي جان کي خطري جو اظهار ڪيو هو، پر پوءِ به پيءُ سان گڏ وڃڻ تي راضي ٿي وئي، ڪالهه کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس مک جوابدار مولا بخش ڀارو کي گرفتار ڪري ورتو ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي، لاش پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ايس ايس پي اظهر مغل موجب مقتول ناري ٻن ٻارن جي ماءُ هئي، جنهن کي مامي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار برآمد ڪيو ويو آهي، مقتولا ناري جي والد ۽ مڙس جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون، ذريعن موجب قتل ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، هن وقت تائين مقتولا ناري جي مڙس ۽ مامي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي ناري جي ڪارنهن الزام هيٺ قتل کان پوءِ سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته نيٺ هي نياڻي به وحشي جوابدارن هٿان ماري وئي آهي، هن نياڻي سان انصاف ڪير ڪندو، هن کي خبر هئي ته کيس قتل ڪيو ويندو.
ڌيءَ جي پيرن تي پٽڪو رکندڙ پيءُ نياڻي جو تحفظ نه ڪري سگهيو!
سکر/ روهڙي: سکر جي عدالت ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل جي خوف کان تحفظ لاءِ پهتل ناري پيءُ جي پڳ ڏسي والد سان وڃڻ جو بيان ڏنو ۽ والد حوالي ٿي وئي پر ڌيءَ جي پيرن تي پٽڪو رکندڙ پيءُ نياڻي جو تحفظ نه ڪري سگهيو، سوشل ميڊيا تي نياڻي جي قتل بابت سوال اٿڻ لڳا ۽ نياڻي جي پيءُ مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ته هُن نياڻي جو تحفظ ڇو نه ڪيو، ڇوڪري کي پٽڪي جا واسطا ڏئي وٺي وڃي قتل ڪرايو ويو، نياڻي هاڻ قتل ٿي وئي، هاڻ صرف ٿينديون ڳالهيون، جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي، سوشل ميڊيا واهپيدارن ڪاوڙ ۾ لکيو ته جڏھن ڪو پيءُ اولاد جو دشمن بڻجي ته اھڙي سماج کي ڇاٿو ڪري سگھجي، اهڙي پيءُ کي شرم اچڻ گهرجي.