حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ملڪ اندر تيزي سان وڌندڙ مهانگائي ۽ اگهن جي بي قابو واڌ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آھي ته اپريل مهيني دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 11 سيڪڙو تائين پهچڻ رڳو انگن اکرن جو معاملو نه پر عوام جي زندگين سان کيڏڻ جي برابر آهي، ٽرانسپورٽ، خوراڪ، بجلي، گئس، دوائن ۽ روزمرھ استعمال جي شين جي اگهن ۾ تمام گهڻي واڌ عام ماڻهن لاءِ جيئڻ ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، حڪومت جي ناڪام معاشي پاليسين ۽ عالمي حالتن جو بار سڌو سنئون غريب عوام تي وڌو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي، سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ ٻنين تي ڪم ڪندڙ بي زمين هاري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، اهي هاري، جيڪي اڳ ئي محدود وسيلن سان پنهنجي خاندان جو گذر سفر ڪندا هئا، هاڻي پاڻي جي شديد کوٽ، ڀاڻ، ٻج، پاڻي، دوائن ۽ ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ خرچن ۽ فصلن جي ڪيرايل اگھن سبب مڪمل طور تي معاشي بحران ۾ ڦاسي چڪا آهن کين پنهنجي محنت جو مناسب اگھه نٿو ملي، جڏهن ته منڊين تي چالباز مڊل مين ۽ واپاري مافياز جو قبضو آهي نتيجي ۾ هاري جو ٻار بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهي، جيڪو حڪمرانن جي ناڪامي جو واضح ثبوت آهي، روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حالت به انتھائي ڳڻتي جوڳي آهي، ڏهاڙيدار پورهيت، جيڪي هر ڏينهن ڪم ڪري پنهنجي گهر جو چلھه ٻارين ٿا، انهن جي آمدني مهانگائي جي رفتار سان هرگز نٿي وڌي، هڪ پاسي اٽي، دالين، گيھ، کنڊ، تيل، چانور ۽ ٻين بنيادي شين جا اگھه ٻيڻا ٿي ويا آهن، جڏهن ته پورهيتن جي اجرت ساڳي بيٺل آهي نتيجي طور هزارين خاندان فاقا ڪشي جي ويجهو پهچي ويا آهن، ٻئي طرف گهريلو عورتون، جيڪي محدود بجيٽ ۾ گهر هلائين ٿيون، خوراڪ ۽ روزمرهه هجي شين جي اگهن ۾ واڌ سبب سخت ذهني ۽ مالي دٻاءَ هيٺ آهن.