ايشيا ڪپ ۾ سوريا هٿ ڇو نه ملايو ؟ سلمان علي آغا اندروني ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ايشيا ڪپ دوران ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو سان هينڊ شيڪ (هٿ ملائڻ) واري معاملي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
خانگي ٽي وي چئنل جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ۽ فاسٽ بالر حسن علي شرڪت ڪئي ۽ ان دوران ٻنهي مختلف موضوعن تي ويچار ونڊيا.
سلمان علي آغا چيو ته ايشيا ڪپ 2025 جي پريس ڪانفرنس ۽ ٽرافي جي فوٽو شوٽ وقت ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار هٿ ملايو هو، پر جڏهن ٽاس لاءِ وڃي رهيو هئس ته سڀ ڪجهه نارمل هو، پوءِ ميچ ريفري مون کي پاسي تي وٺي ويو ۽ چيائين ته هينڊ شيڪ نه ٿيندو، جنهن تي مون وراڻيو ته جيڪڏهن هو هٿ نه ملائيندو ته نه ملائي، مون کي ڪهڙو شوق آهي.
هن چيو ته چيو ته ميچ ختم ٿي، اسان هارائي ويا هئاسين، پوءِ پويلين ڏانهن هينڊ شيڪ لاءِ وڌڻ لڳاسين ته هُنن وري به هٿ نه ملايو.
سلمان علي آغا جو چوڻ هو ته مون کي نٿو لڳي ته اِهو صحيح عمل آهي، اسان هڪ ملڪ جي نمائندگي ڪيون ٿا، اهڙيون حرڪتون ته ٻار ڪندا آهن.
فاسٽ بالر حسن علي چيو ته جيڪڏهن هو هٿ نه پيا ملائين ته ميچ به نه ٿيڻ گهرجي ها، ٻار ڇا سِکندا،صفا اهڙي ڳالهه هئي ته ميچ نه کيڏي ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏني وڃي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.