پاڪستان سپر ليگ 11 جو آخري دنگل سڀاڻي، حيدرآباد ۽ پشاور دوبدو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 جو آخري دنگل سڀاڻي حيدرآباد ڪنگز مين ۽ پشاور زلمي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.
پي ايس ايل 11 جو فائنل لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ رات اٺين وڳي شروع ٿيندو.
پشاور زلمي جي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم چيو آهي ته فائنل لاءِ تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، پِچ ۽ ڪنڊيشن ڏسي پليئنگ اليون ترتيب ڏينداسين.
ٻئي پاسي حيدرآباد ڪنگز مين جي ڪپتان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٽورنامينٽ ۾ شاندار واپسي جيان فائنل ۾ به مداحن کي هڪ سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي.
واضح رهي ته پشاور زلمي پهرئين ڪواليفائر ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ کي مات ڏئي فائنل لاءِ پهتي هئي، جڏهن ته حيدرآباد ڪنگز مين جمعي ڏينهن ٻئي ايليمينٽر ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي هڪ سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.