ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اُڀرندڙ بيٽر ويڀَو سوريا ونشي جي عمر بابت نئون تڪرار کڙو ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هڪ سماجي ڪارڪن انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي فرنچائز راجسٿان رائلز جي نمائندگي ڪندڙ ويڀوَ سوريا ونشي جي ٽورنامينٽ ۾ شموليت کي ”چائلڊ ليبر“ (ٻارن کان پورهيو ڪرائڻ) قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
سماجي ڪارڪن جو چوڻ آهي ته ويڀَو سورياونشي کي آءِ پي ايل ۾ کيڏائڻ تي راجٿسان رائلز خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
ياد رهي ته ويڀَو سورياونشي آءِ پي ايل جي تاريخ جو سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر آهي، جنهن کي گذريل سال ٿيل نيلامي ۾ راجسٿان رائلز خريد ڪيو هو.