ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف حصن ۾ سخت گرمي سبب هيٽ ويو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، ڄامشوري، دادو، شهيد بينظير آباد، ڪشمور، گهوٽڪي، سانگهڙ، خيرپور، نوشهري فيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ضلعن ۾ سخت گرمي ٿيندي.
ماهرن موجب انهن ضلعن جو ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، شهري منجهند جو گهران گهٽ نڪرن، پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال يقيني بڻايو وڃي.
موسميات کاتي ڪراچي جي موسم بابت ٻڌايو ته ڇنڇر ۽ آچر تي پارو 30 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو پر هيٽ ويو جو ڪو امڪان ناهي.
You might also like