جماعت اسلامي جو پيٽرول ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ خلاف مظاهرن جو اعلان

لاهور (پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ خلاف سڀاڻي جمعي ڏينهن ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، جماعت اسلامي حڪومت جي عوام دشمن سولر شمسي توانائي پاليسي ۽ پنجاب ۾ هارين جي استحصال خلاف  به احتجاج ڪندي، منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته حڪمران آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن ۽ وياج جي لعنت کي جاري رکيون ويٺا آهن، وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ خزاني تي پنج سئو ارب کان وڌيڪ جو بار وجهي ٿي، حڪومت ايندڙ سال جي آخر تائين وياج جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو پر اعلانن ۽ واعدن جي ابتڙ وياج جي شرح وڌي رهي آهي، حڪومت عام ماڻهو کان پيٽرول تي 107 رپيا في ليٽر ليوي وصول ڪري رهي آهي، حڪمران آءِ ايم ايف جي دٻاءُ جو بهانو ڪري عوام کي نپوڙي رهيا آهن پر جڏهن انهن کي پنهنجون پگهارون ۽ سهولتون وڌائڻيون آهن، 11 ارب جو جهاز خريد ڪرڻو آهي، مفت بجلي ۽ پيٽرول استعمال ڪرڻو آهي ۽ زميندارن تي ٽيڪس نه لڳائڻو آهي ته پوءِ ڪنهن به دٻاءُ جو خيال ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.