اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرپول قومي احتساب بيورو (نيب) جي درخواست تي پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض ملڪ جا ريڊ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد بٽ ميڊيا کي ٻڌايو ته نيب جي درخواست تي انٽرپول ملڪ رياض ۽ علي رياض جا وارنٽ جاري ڪيا آهن، ٻنهي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
ڊي جي آپريشنز نيب امجد مجيد اولک موجب ملڪ رياض خلاف 900 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي.
هن ٻڌايو ته گذريل سال نيب 89 ارب رپيا رڪوري ڪئي، جڏهن ته هن وقت مني لانڊرنگ سان لاڳاپيل 37 هاءِ پروفائل ڪيسن تي ڪارروائي جاري آهي.
سندس موجب مني لانڊرنگ جا 4 ڪيس عدالتن مان ختم ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هن وقت نيب وٽ 289 ريفرنس، 205 انويسٽگيشن ۽ 745 انڪوائريز التوا ۾ آهن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ سال جنوري کان مارچ تائين 8 هزار 563 شڪايتون مليون، جن مان 8 هزار 214 اڪلايون ويون، جڏهن ته 475 تي ڪارروائي جاري آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته بحريا ٽائون سميت مختلف هائوسنگ منصوبن تي جاچ جاري آهي، سنڌ ۾ ملير، ڪورنگي، ڪلفٽن ۽ گل احمد ملز مان زمين خالي ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ 9 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين واپس حاصل ڪئي وئي آهي، خالي ڪرايل زمين جي نگراني لاءِ صوبائي سطح تي ٽاسڪ فورس به قائم ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ملڪ رياض جي عمر 72 سال آهي ۽ هو بحريا ٽائون جو باني ۽ چيئرمين آهي، جڏهن ته سندس 48 ورهين جو پٽ علي رياض ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.
You might also like