بنگلاديش سيريز کان اڳ بابر ۽ شان جو فارم ۾ اچڻ سٺو سنئوڻ آهي: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته بابر اعظم ۽ شان مسعود جو بنگلاديش ٽيسٽ کان پهريان فارم ۾ اچڻ سٺي ڳالهه آهي.
هڪ بيان ۾ سرفراز احمد چيو آهي ته پشاور زلمي جا رانديگر فائنل کانپوءِ بنگلاديش ۾ ٽيم کي جوائن ڪندا، باقي 12 کان 13 رانديگرن جو ڪئمپ سٺي هلي رهيي آهي.
هن چيو ته منهنجو سڄو ڌيان ريڊ بال ڪرڪيٽ تي آهي، وائيٽ بال جو فيصلو پي سي بي ڪندي.
سندس چوڻ هو ته علائقائي ڪرڪيٽ ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اذان اويس ۽ عبدالله فضل کي موقعو ڏنو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي نئين سفر جي شروعات سٺي انداز ۾ ڪرڻ چاهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.