ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز اسلام آباد يونائيٽڊ جي بالنگ ڪنسلٽنٽ رومان رئيس ڪواليفائر ۾ زبردست بيٽنگ ڪرڻ تي بابر اعظم کي ڪريڊٽ جو حقدار قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي ۾ کيڏيل پهرئين ڪواليفائر کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي رومان رئيس چيو ته اسان پشاور کي 15 کان 20 رنسون وڌيڪ ڏنيون، کين گهٽ اسڪور تي محدود ڪري سگهون پيا ، ڪراچي جي وڪيٽ تي سلو بال لاءِ ٿوري مهارت گهربل هئي، سلو بال پلان موجب ڪرائڻو پوندو.
بابر اعظم بابت ڳالهائيندي رومان رئيس چيو ته مونکي لڳي ٿو ته بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي اصل فارم ۾ واپس اچي ويو آهي، بابر جهڙي ڪلاسڪ پليئر آڏو حڪمت عملي تحت بالنگ ڪرائڻي پوندي، بابر جي وڪيٽ وٺڻ لاءِ کيس غلطي ڪرڻ تي مجبور ڪرڻو پوندو آهي.
رومان رئيس چيو ته اسان جي بالرن ۾ صلاحيت جي کوٽ ناهي، سڄي سيزن دوران اسلام آباد جي بالرن خلاف گهٽ رنسون ٺهيون آهن، اسان ٽورنامينٽ ۾ حيدرآباد کي 85 رنسن تي آئوٽ ڪري چڪا آهيون، اسلام آباد يونائيٽڊ هر صورتحال ۾ پنهنجي رانديگرن سپورٽ ڪري ٿي.
ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 جي ڪواليفائر ۾ پشاور زلمي اسلام آباد يونائيٽڊ کي 70 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.