ابو ظهبي (ع آ نيوز) گڏيل عرب امارتن تيل پيدا ڪندڙ وڏن ملڪن جي تنظيم اوپيڪ ۽ اوپيڪ پلس کان عليحدگيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اماراتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو پهرين مئي 2026 کان لاڳو ٿيندو، ان فيصلي سان عالمي تيل مارڪيٽ تي به اثر پوڻ جا امڪان آهن. اماراتي ميڊيا موجب اختيارين جو چوڻ آهي ته يو اي اي تيل جي وڪري جي پاليسي ۾ خود مختياري حاصل ڪندو.واضح رهي ته تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ جو قيام 1960 ۾ عمل ۾ آيو هو، سعودي عرب، ايران، عراق ۽ ڪويت اوپيڪ جا اهم رڪن آهن.اوپيڪ پلس جو قيام 2016 ۾ عمل ۾ آيو هو، جڏهن اوپيڪ ملڪن ۽ نان اوپيڪ ملڪن ۾ اتحاد ٿيو، ان ۾ روس سميت ٻيا ملڪ شامل آهن.عالمي خام تيل جي منڊي تي هڪ اهم آمريڪي نيوز ويب سائيٽ مطابق، اوپيڪ جي ٽئين وڏي تيل پيدا ڪندڙ تنظيم مان نڪرڻ جو اعلان هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن عالمي تيل جي منڊي اڳ ئي غير مستحڪم آهي. ايران-ايران جنگ پنهنجي نائين هفتي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ آبناءِ هرمز عملي طور تي بند آهي، جڏهن ته ڪچي تيل جي قيمت 110 ڊالر في بيرل کان مٿي ٿي چڪي آهي.رپورٽ موجب، يو اي اي اهو فيصلو اوچتو نه ڪيو، پر ڪافي عرصي کان ان جي تياري ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته پيداوار جي حدن جي مسئلي تي سعودي عرب سان ان جا اختلاف وڌي رهيا هئا. اوپيڪ+ معاهدي تحت، امارات جي پيداوار تقريباً 3 ملين بيرل في ڏينهن تائين محدود هئي، جڏهن ته ان جي اصل گنجائش 4 ملين بيرل في ڏينهن کان وڌيڪ آهي ۽ امارات 2027 تائين پيداوار کي 5 ملين بيرل في ڏينهن تائين وڌائڻ چاهي ٿو.
جنگ ۾ گڏيل حڪمت عملي لاءِ نار ملڪن جو جدي ۾ اجلاس، عمان غير حاضر
جده(م ڊ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ 40 ڏينهن جي جنگ کان پوءِ، خليج تعاون ڪائونسل جو هڪ غير معمولي اجلاس سعودي شهر جده ۾ ٿي رهيو آهي. اجلاس ۾ وچ اوڀر ۾ جنگ مان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي گڏيل ڪارروائي جي منصوبي جي تياري تي غور ڪيو پيو وڃي. سعودي پريس ايجنسي موجب، خليج تعاون ڪائونسل جو اجلاس ولي عهد محمد بن سلمان جي صدارت ۾ ٿي رهيو آهي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ علائقائي ۽ بين الاقوامي صورتحال ۽ انهن سان لاڳاپيل گڏيل ڪوششن تي بحث شامل آهي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. رائٽرز جي مطابق، هڪ سينئر خليج آفيسر، پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڳالهائيندي چيو ته اجلاس جو بنيادي مقصد تازي جنگ دوران نار جي ملڪن تي ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملن جو گڏيل جواب تيار ڪرڻ هو. رپورٽ موجب، خليج تعاون ڪائونسل ۾ شامل سڀني ڇهن خليج رياستن ۾ اهم توانائي جي بنيادي ڍانچي کي هن جنگ دوران نقصان پهتو آهي، جڏهن ته آمريڪا سان لاڳاپيل فرمون، ٻيون شهري ڍانچي ۽ فوجي ٿاڪن کي به نشانو بڻايو ويو آهي.28 فيبروري تي وچ اوڀر ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ خليج جي سربراهن جي هي پهرين سڌي ملاقات آهي. سعودي سرڪاري ميڊيا موجب، قطر جو امير، ڪويت جو ولي عهد، بحرين جو بادشاهه ۽ گڏيل عرب امارات جو پرڏيهي وزير هن اهم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جده پهچي چڪا آهن. عمان اڄ جده ۾ ٿيندڙ خليج جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندوخليج جي ذريعن بي بي سي عربي کي ٻڌايو آهي ته عمان جده ۾ ٿيندڙ خليج جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. خليج جي ذريعن موجب سعودي شهر جده ۾ ٿيندڙ خليج جي صلاحڪار سربراهي اجلاس ۾ سلطنت عمان جي ڪنهن به سطح تي نمائندگي نه ڪئي ويندي.
عرب امارات جو اوپيڪ مان نڪرڻ ٽرمپ جي فتح، سعودي لاءِ جهٽڪو
دبئي(ع آ نيوز) برطانوي نيوز ايجنسي رائٽرز جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جو اوپيڪ ۽ اوپيڪ پلس مان نڪرڻ جو فيصلو تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي گروپ لاءِ هڪ وڏو ڌڪ آهي. نيوز ايجنسي جي مطابق، گڏيل عرب امارات 60 سالن کان وڌيڪ عرصي کان اوپيڪ جو ميمبر آهي .رائٽرز جي مطابق، اوپيڪ عام طور تي اندروني اختلافن جي باوجود اتحاد جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بهرحال، ايران جنگ عالمي توانائي بحران جو سبب بڻيل آهي ۽ خليجي ملڪن جي وچ ۾ اختلاف پڻ وڌيڪ نمايان ٿي رهيا آهن. خاص طور تي، سعودي عرب سان يو اي اي جا اختلاف، جيڪو اوپيڪ جو حقيقي اڳواڻ سمجهيو ويندو آهي، وڌيڪ واضح ٿي ويا آهن.اماراتي توانائي وزير سهيل محمد المزروئي جي مطابق، هي پاليسي فيصلو وڏي احتياط سان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ علائقي جي توانائي جي ترجيحن، تيل جي پيداوار لاءِ موجوده ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. اسان دنيا جي چوڌاري پنهنجن گراهڪن ۽ ڀائيوارن جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي قابل اعتماد ۽ ذميوار انداز ۾ پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون ۽ وڌيڪ سپلاءِ جي اميد رکون ٿا.رائٽرز لکيو آهي ته اوپيڪ مان يو اي اي جي نڪرڻ کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فتح طور ڏٺو ويندو، جيڪو اوپيڪ تي مهانگو تيل وڪڻڻ جو الزام لڳائيندو آهي. هو چوي ٿو ته آمريڪا اوپيڪ ميمبر ملڪن جي حفاظت ڪري ٿو، جڏهن ته اوپيڪ ملڪ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري غير منصفانه فائدو کڻندا آهن.رائٽرز جي مطابق، يو اي اي ساٿي عرب ملڪن کان شڪايت ڪري ٿو ته انهن جنگ دوران ايراني حملي کان بچائڻ لاءِ مناسب اپاءَ نه ورتا.