چانگشا (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڪراچي لاءِ سمنڊ جي پاڻي کي واپرائڻ جوڳو بنائڻ سميت 3 منصوبن ۾ سهڪار جي يادداشتي معاهدن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
چين جي صوبي هونان جي شهر چانگشا ۾ معاهدن تي صحيحن واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري پڻ شرڪت ڪئي.
تقريب دوران سمنڊ جي پاڻي کي مٺو بڻائڻ، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ چانهه جي شعبي ۾ سهڪار جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.
پهريون معاهدو سنڌ جي مڪاني کاتي ۽ لو شيئن انوائرنمينٽل ٽيڪنالاجي گروپ جي وچ ۾ طئي ٿيو.
ان منصوبي تحت ڪراچي شهر کي پاڻي جي فراهمي وڌائڻ لاءِ سمنڊ جي پاڻي کي مٺو بڻائڻ واري عمل ۾ سهڪار ڪيو ويندو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ چيني گروپ جي چيئرمين يوهوئي معاهدي تي صحيحون ڪيون.
ٻيو معاهدو سنڌ جي مڪاني کاتي ۽ لانگ پن هاءِ ٽيڪ انفارميشن ڪمپني جي وچ ۾ زرعي ٽيڪنالاجي ۾ سهڪار لاءِ طئي ٿيو، جنهن تي شرجيل انعام ميمڻ ۽ چيني ڪمپني جي چيئرمين چن زي شين صحيحون ڪيون.
ٽيون معاهدو چانهه جي شعبي سان لاڳاپيل آهي، جيڪو مسڪي اينڊ فيمٽي ٽريڊنگ ڪمپني، هونان ٽي گروپ ۽ جيالونگ انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي جي وچ ۾ طئي ٿيو.
پاڪستان طرفان سينيٽر سليم مانڊوي والا معاهدي تي صحيحون ڪيون.
ان معاهدي جو مقصد چانهه جي صنعت کي هٿي ڏيڻ، تجارتي ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.
Next Post
You might also like