ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سينٽ پيٽرزبرگ ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي.
روسي ميڊيا موجب پيوٽن چيو ته کيس ايران جي سپريم ليڊر جو پيغام مليو آهي، سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو.
هن چيو اميد ته ايراني عوام هن ڏکئي دور مان گذري ويندو ۽ امن قائم ٿيندو، ايران ۽ خطي جي ملڪن جي مفادن ۾ جيڪو ممڪن ٿيو ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته روس ايران سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿو.
ملاقات ۾ ايراني پرڏيهي وزير چيو ته روس – ايران لاڳاپا اسٽريٽجڪ ڀائيواري تي ٻڌل آهي، جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا.
ايران جي مفادن لاءِ جيڪو ٿي سگهيو ڪنداسين: پيوٽن جي عباس عراقچي سان گفتگو
You might also like