ملڪ ۾ سون وري مهانگو، تولو ڪٿي پهتو؟

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ ٻيهر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، في تولو سون 800 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 93 هزار 962 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 686 رپيا واڌ بعد 4 لک 23 هزار 492 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 8 ڊالر اضافي سان 4716 تي پهچي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.