لنڊن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ناڪابندي جي باوجود ايراني آئل ٽينڪر 40 لک بيرل تيل کڻي هرمز جي پٽي مان گذري ويا آهن.
شپنگ ڊيٽا موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ 7 جهاز، جن ۾ اڪثر”ڊرائي بليڪ ويسلز“ شامل هئا، آبناءِ هُرمز مان گذريا. ڪپلر ۽ ڊيٽا اينالائيٽڪس ڪمپني جي سيٽلائيٽ تجزيي موجب، انهن جهازن ۾ عراق جي بندرگاهن تان روانو ٿيندڙ جهاز ۽ هڪ ايراني بندرگاهه تان ايندڙ جهاز شامل هئا.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب، 13 اپريل تي ايران خلاف ناڪابندي لاڳو ڪرڻ کان وٺي هينئر تائين37 جهازن جو رخ موڙيو ويو آهي. ٽينڪر ٽريڪرز ڊاٽ ڪام جي تجزيي موجب، گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ايران جا 6 آئل ٽينڪر، جيڪي لڳ ڀڳ 1 ڪروڙ 5 لک بيرل تيل کڻي وڃي رهيا هئا، واپس ايراني بندرگاهن ڏانهن واپس موڪليا ويا.
هڪ ٻئي سيٽلائيٽ تجزيي انڪشاف ڪيو آهي ته 24 اپريل تي اٽڪل 40 لک بيرل ايراني تيل کڻي ويندڙ ٽينڪر آمريڪي ناڪابندي جي باوجود هرمز جي پٽي مان گذرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
آمريڪي ناڪابندي باوجود ايراني آئل ٽينڪر 40 لک بيرل تيل کڻي هُرمز پٽي پار ڪرڻ ۾ ڪامياب
آمريڪي ناڪابندي باوجود ايراني آئل ٽينڪر 40 لک بيرل تيل کڻي هُرمز پٽي پار ڪرڻ ۾ ڪامياب
You might also like