پنجاب ۾ مريم نواز جو پ پ کي سخت پيغام، سنڌ ۾ ن ليگ جون سرگرميون؟

اسلام آباد(شڪيل ملڪ)پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي ڇڪتاڻ وڌندي نظر اچي رهي آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري هن وقت چين جي اهم سرڪاري دوري تي آهن، جتي سندن مختلف ملاقاتون ۽ صنعتي زونن جا دورا جاري آهن، پر ان دوري کان اڳ جڏهن صدر زرداري لاهور آيو ته کين اهو پروٽوڪول نه ڏنو ويو جنهن جا هو حقدار هو،اها ڪا پهرين ڀيرو ناهي ته ملڪ ۾ اتحادي حڪومت هجي يا سياسي مخالفن جون حڪومتون الڳ الڳ هجن (مرڪز ۾ ڪنهن جي ۽ صوبي ۾ ڪنهن ٻئي جي). ماضي ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي، تڏهن پنجاب ۾ ميان نواز شريف وزيراعليٰ هو. ان وقت به ائين ٿيندو هو ته جڏهن وزيراعظم لاهور ايندي هئي ته وزيراعليٰ پنجاب سندن استقبال لاءِ نه ويندا هئا. اڄ به ائين ئي ٿي رهيو آهي؛ مريم نواز جيڪا نواز شريف جي نياڻي آهي، اها پنجاب جي وزيراعليٰ آهي. هاڻي جيڪڏهن صدرِ مملڪت، جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو آئيني عهدو آهي، لاهور اچي ته پروٽوڪول موجب وزيراعليٰ يا گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن سينيئر وزير کي سندن استقبال ڪرڻ گهرجي ها.  پر ٿي هي رهيو آهي ته جڏهن به صدر لاهور اچن ٿو، وزيراعليٰ پنجاب يا ن ليگ جي وزيرن سندن استقبال ناهي ڪيو. ها، پ پ جي گورنر ئي سندس استقبال به ڪيو ۽ چين روانگي وقت الوداع به ڪيو.ڇا هي ڪو خاص پيغام ڏنو پيو وڃي؟ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي طرفان هڪ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي. پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته پنجاب جي انتظامي مقررين ۾ سندن عمل دخل هجي ۽ ڪجهه ضلعن ۾ انتظاميه سندن مرضي جي هجي. ان حوالي سان ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي، ايتري تائين جو مريم نواز ڪيترن ئي جلسن ۾ پيپلز پارٽي جو نالو کڻڻ کان سواءِ انهن تي سخت تنقيد ڪئي. پوءِ محسن نقوي وچ ۾ پيو، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ملاقاتون ٿيون، وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف جي ملاقاتن کانپوءِ "سيز فائر” (سياسي جنگ بندي) ته ٿي وئي پر پيپلز پارٽي جون خواهشون پوريون نه پيون ٿين.مريم نواز پاران صدر جي استقبال لاءِ نه وڃڻ هڪ سخت ۽ چٽو جواب آهي. پيپلز پارٽي وزارت نه پر آئيني عهدا گهريا هئا، پر گڏوگڏ جن ضلعن مان سندن ايم پي ايز کٽيا آهن، اتي بيوروڪريسي ۽ پوليس جي مقررين ۾ پنهنجي مرضي چاهين پيا. مريم نواز ان تي هڪ اصولي موقف اختيار ڪيو آهي.ڪجهه معاملن ۾ مريم نواز زبردست ڪم ڪيو آهي، جيئن پنجاب کي ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سي سي ڊي جهڙا ادارا قائم ڪيا. مريم نواز ن ليگ جي ويجهن اڳواڻن جي سفارش مڃڻ کان به انڪار ڪيو ۽ ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي، جيڪا واکاڻ جوڳي ڳالهه آهي. لاهور جي هڪ ايم پي اي جي بدتميزي تي به هن پوليس اهلڪار جو ساٿ ڏنوجڏهن ته .پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته ملائي پاڻ کائي ۽ ذميواري نه کڻي. هنن حڪومت کي ووٽ ڏنو پر وزارتون نه ورتيون ڇو ته کين لڳو پئي ته حڪومت هلي نه سگهندي ۽ ملڪ ڊيفالٽ ڪري ويندو. پر شهباز شريف ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائي ورتو، جنهن جو ڪريڊٽ کين وڃي ٿو. هاڻي جڏهن حڪومت هلي پئي ته پيپلز پارٽي جي خواهش آهي ته کين پنجاب ڪابينا ۾ حصو ڏنو وڃي، پر مريم نواز ان کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي طرف سنڌ ۾ تبديلي تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. ن ليگ سنڌ ۾ نهال هاشمي کي ذميواريون ڏنيون آهن. نهال هاشمي جون تازو ميان محمد سومرو (سابق گورنر ۽ نگران وزيراعظم) سان ملاقاتون ٿيون آهن. ميان محمد سومرو پرويز مشرف جي تمام ويجها رهيو آهي. پيپلز پارٽي کي انهن ملاقاتن تي ڳڻتي آهي ته سنڌ ۾ سندن خلاف ڪا سرگرمي شروع ٿي رهي آهي. جيڪڏهن ميان محمد سومرو سنڌ جي سياست ۾ سرگرم ٿيو ۽ بيڪ ڊور رابطا ڪيا ته معاملو اڳتي وڌندو ۽ سنڌ جي سياست به گرم ٿيندي.مريم نواز ته پنهنجو چٽو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيپلز پارٽي جو اڳتي ڇا رخ هوندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 27 اپريل  2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.