مون کي مارڻ جي هڪ ٻي ڪوشش ڪئي وئي، واقعي جو ايران جنگ سان واسطو ناهي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس واقعي تي چيو آهي ته شڪي شخص 15 گز پري کان حملي جي ڪوشش ڪئي، لڳي ٿو ته هدف مان ئي هيس، منهنجي خيال ۾ واقعي جو ايران جنگ سان واسطو ناهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته شڪي شخص وٽ ڪيترائي هٿيار هئا، سيڪريٽ سروس تڪڙي ۽ بهادري سان ڪارروائي ڪئي، شڪي شخص سيڪيورٽي چيڪ پوائنٽ تي حملو ڪيو.
هن چيو ته اهو انتهائي حيرت جوڳو لمحو هو، ٽري گرڻ جا زوردار آواز ٻڌا، مان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس ته ڇا ٿيو، ميلانيا فوري طور چيو ته بُرو آواز آهي.
سندس موجب هڪ اهلڪار کي گولي لڳي پر بلٽ پروف جيڪيٽ سبب محفوظ رهيو، اهو پهريون موقعو ناهي جو ريپبلڪنز تي حملو ٿيو هجي، اها مون کي مارڻ جي هڪ ٻي ڪوشش ڪئي ۽ ماضي ۾ به اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهلڪارن وقت سر ڪارروائي ڪري ماڻهن جون حياتيون بچايون، گرفتار شڪي شخص جو واسطو ڪيليفورنيا سان آهي، جلد معلوم ڪنداسين ته هو اڪيلو ئي هو.
آمريڪي صدر چيو ته اسان کي پنهنجا اختلاف ختم ڪرڻا پوندا، 30 ڏينهن ۾ ان کان وڏي تقريب ڪنداسين، اسان پنهنجون تقريبون ختم نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.