مالي ۾ وڏو سانحو، بچاءَ وارو وزير حملي ۾ مارجي ويو

باماڪو (ويب ڊيسڪ) مالي جو بچاءَ وارو وزير ساديو ڪامارا حملي ۾ مارجي ويو، اهو واقعو سڄي ملڪ ۾ فوجي ٿاڪن تي ٿيندڙ گڏيل حلمن دوران پيش آيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب تخت گاهه باماڪو ڀرسان فوجي شهر ڪيٽي ۾ ساديو ڪامارا جي گهر تي به حملو ڪيو ويو، جنهن جي هڪ ڏينهن کانپوءِ بچاءَ واري وزير جي مارجڻ جي خبر سامهون آئي.
ميڊيا رپورٽن موجب هڪ ئي وقت ملڪ جي مختلف حصن ۾ حملا ويا، جن جو هدف فوجي مرڪز ۽ سيڪيورٽي اثاثا هئا پر انهن حملن جا مڪمل تفصيل ۽ مارجي ويلن جي انگ بابت سرڪاري سطح تي وڌيڪ ڄاڻ جاري ناهي ڪئي وئي.
اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.