ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽي روڊ جي تعميراتي ڪم ۾ دير تي شهرين کان معذرت ڪندي چيو آهي ته مسڪڊ ٽريفڪ لين کي 3 مهينن اندر بحال ڪيو ويندو.
بي آر ٽي ريڊ لائن جي دوري تي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائن لاٽ ٽو جي مين ڪوريڊور جو ٽينڊر ٻيهر جاري ڪيو ويندو، ڊي جي ايف ڊبليو او سان ڳالهه ٿي چڪي آهي ۽ هن خاطري ڪرائي آهي ته ٻن کان ٽن ڏينهن اندر سرگرميون ٻيهر بحال ٿي وينديون.
هن چيو ته مڪسڊ ٽريفڪ تقريبن 12 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي ۽ اميد آهي ته ٽن مهينن دوران مڪسڊ ٽريفڪ لين جو ڪم مڪمل ڪري وٺنداسين.
سندس چوڻ هو ته عوام جون اميدون سنڌ حڪومت سان جڙيل آهن، چار سال اڳ لاٽ ٽو جو ٺيڪو ڏنو ويو هو پر ڪم جو معيار سٺو نه هو.
وڏي وزير ڪم مڪمل ٿيڻ جي ذميواري ڏيندي چيو ته ڪم کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ عيد جي موڪلن دوران به ڪم جاري رهندو.
هن چيو ته شهرين جي تڪليفن جو ازالو ضرور ڪنداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته ڪم جلد کان جلد مڪمل ٿئي.
You might also like