هوسڙي ڀرسان نينگري سان مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي ھوسڙي ڀرسان پٻڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابو القاسم ٿيٻو جي رھواسڻ 9 ورھين جي نينگري اقرا ڌيءَ محمد جمن ٿيٻو سان مبينا زيادتي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.  نينگري جي والد طرفان ڪٽرايل ايف آءِ آر موجب سندس ڌي پاڙي واري دڪان تان سامان وٺڻ لاءِ وئي هئي، جيڪا دير تائين واپس نه پهتي سندس ڳولا ڪئي وئي ته هوءَ ڳوٺ واسي سليمان ولد محمد ايوب ٿيٻو جي گهر مان روئيندي ٻاهر نڪتي، نياڻي جي ڄنگهن مان رت وهي رهيو هو ۽ سندس حالت خراب هئي، فريادي موجب نينگري کي ترت پٻڻ ٿاڻي تي وٺي وڃي ميڊيڪل ليٽر حاصل ڪيو، جنهن بعد کيس سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن کيس وارڊ ۾ داخل ڪري ڇڏيو، نينگري پنهنجي بيان ۾ الزام لڳايو ته سليمان ٿيٻو کيس زبردستي گهر اندر وٺي وڃي ڪمري ۾ بند ڪري ساڻس زيادتي ڪئي، پوليس نينگري جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ  کان پوءِ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.