اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي ايڪس ريفائنري لاڳت ۾ گهٽتائي جي باوجود اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اِها واڌ سرڪاري ٽيڪس ۽ ان لينڊ فريٽ ۾اضافي سبب ٿي آهي.
دستاويزن موجب، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي آءِ ايف اي مارجن ۾ 30 رپيا 21 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ان لينڊ فريٽ ايڪوئلائزيشن مارجن وڌي 37 رپيا 75 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي.
دستاويزن موجب، پيٽرول تي ليوي ٽيڪس ۾ 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هڪ هفتي دوران پيٽرول جي ايڪس ريفائنري اگهه ۾ 3 رپيا 14 پئسا ۽ ڊيزل جي ايڪس ريفائنري ۾ 3 رپيا 44 پئسا في ليٽر لاٿ ٿي هئي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي هئي.
نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي نئين قيمت 393 رپيا 35 پئسا جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 380 رپيا 19 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
ريفائنري اگهن ۾ لاٿ جو لاڀ عوام کي نه مليو، حڪومت پيٽروليم شين تي ليوي وڌائي ڇڏي
You might also like