ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي آهي.
ايراني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پهرين باضابطا ملاقات فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڪئي.
سفارتي ذريعن موجب، ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کانسواءِ قومي سلامتي بابت صلاحڪار جنرل عاصم ملڪ ۽ ڊي جي ملٽري انٽيليجنس پڻ شامل هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران جو نائب پرڏيهي وزير غريب آبادي، اسلام آباد ۾ ايران جو سفير اميري مقدم ۽ ايراني پرڏيهي وزارت جو ترجمان اسماعيل بقائي به ملاقات ۾ موجود هئا.
ياد رهي ته ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي گذريل ڏينهن هڪ مختصر وفد سان گڏ پاڪستان پهتو هو، ايراني پرڏيهي وزير اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.