مسلسل لاٿ بعد سون يڪدم سوين رپيا چڙهي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ مسلسل لاٿ کانپوءِ اڄ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 2300 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 93 هزار 162 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 1971 رپيا واڌ واڌ سان 4 لک 22 هزار 806 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 23 ڊالر اضافي سان 4708 ڊالر تي پهچي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.