ڪراچي (منصور مغيري) جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي خان عباسي چيو آهي ته پيپلز پارٽي هاڻي عوامي پارٽي نه پر "مفاد پرستن جو ميڙ” بڻجي وئي آهي. هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ معظم عباسي ٻڌايو ته اسان جي خاندان جو ڀٽو خاندان سان لاڳاپو 100 سال پراڻو آهي. منهنجي ڏاڏي ڊاڪٽر اشرف عباسي بي نظير ڀٽو جي دور ۾ ڊپٽي اسپيڪر رهي ۽ منهنجو والد منور عباسي به وزير رهيو. هن چيو ته اسان جو تعلق سياسي ڌنڌي وارو نه پر گهر وارو هو. جڏهن بي نظير ڀٽو شهيد ٿي ته آصف زرداري منهنجي چاچي صفدر عباسي کان وصيت نامي جي تصديق ڪرائي هئي، پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ زرداري پنهنجي ميڊيا ڪنيڪشنز ذريعي منهنجي چاچي ۽ چاچي ناهيد خان تي بي نظير جي قتل جا الزام لڳائڻ شروع ڪيا، جيڪو اسان لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ هومعظم عباسي موجب آصف زرداري شهيد ڀٽو جي عوامي سياست کي ڊرائنگ روم تائين محدود ڪري "پرو اسٽيبلشمينٽ” بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي معيوبن ۽ بااثر خاندانن کي ٿاڻي، تپيدار ۽ لوڪل گورنمينٽ جي انجنيئرن جي چڪر ۾ ڦاسائي سياست کي تباهه ڪيو ويو آهي،هن چيو ته اڄڪلهه افواهه آهن ته پيپلز پارٽي تان "مٿان” جو هٿ کڄي ويو آهي. جنهن ڏينهن انهن تان دستِ شفقت کڄي ويو، ته جيڪي ماڻهو اڄ انهن سان گڏ آهن، اهي ئي سڀ کان اڳ معافي ناما کڻي گهمندا، جيئن ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿيو هو.لاڙڪاڻي جي ترقي بابت پڇيل سوال تي معظم عباسي سخت تنقيد ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته لاڙڪاڻو پيرس بڻجي ويو آهي، اهي اچي سروي ڪن. ترقي رڳو انهن ماڻهن جي گهرن ۾ ٿي آهي جن وٽ رهڻ لاءِ گهر نه هئا، اڄ اهي محلاتن ۾ رهن ٿا،هن چيو ته ڳجهن وانگر سنڌ جو ماس پٽيو پيو وڃي،هن چيو ته اربين رپيا سنڌ جي عوام جا لٽي دبئي ۽ لنڊن ۾ ڪاروبار قائم ڪيا ويا آهن. ٺيڪيداري سسٽم ذريعي لاڙڪاڻي جا مخصوص 20 ماڻهو امير ترين بڻجي ويا آهن.معظم عباسي ٻڌايو ته جي ڊي اي هڪ چونڊ الائنس هو، پر هاڻي هو فنڪشنل ليگ جي پليٽ فارم تان سياست کي منظم ڪري رهيا آهن. پير پاڳاري جي مرضي سان راشد شاهه ۽ اسان جي ٽيم سنڌ ۾ هڪ مضبوط متبادل فراهم ڪندي. هن چيو ته سنڌ جي عوام کي هاڻي مالڪي جي ضرورت آهي ۽ اسان عوامي سطح تي سياست ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.ان تنقيد تي ته هو پراپرٽي وڪڻي اليڪشن وڙهندو آهي، معظم عباسي چيو ته جيڪڏهن مان هڪ وڪڻان ٿو ته الله جي ڪرم سان مون کي ڏهه ملي وڃن ٿيون. اسان ڪڏهن به سياسي ڌنڌو ناهي ڪيو، زمينون وڪڻي عوام جي خدمت ڪئي آهي.
راشد شاهه راشدي کي سنڌ جي تاريخ جي ڪا ڄاڻ ناهي:ترجمان سنڌ حڪومت
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان مصطفىٰ عبدالله بلوچ چيو آهي ته راشد شاهه راشدي کي سنڌ جي تاريخ ۽ عوامي جذبن جي ڪا ڄاڻ ناهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو هميشه پاڪستان پيپلز پارٽي سان مضبوطيءَ سان گڏ بيٺل رهيا آهن. مصطفىٰ عبدالله بلوچ صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي هڪ بهادر ۽ عوامي اڳواڻ قرار ڏيندي چيو ته هن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت کي بچايو ۽ مضبوط ڪيو. هن جو چوڻ هو ته “پاڪستان کپي“ جو نعرو ڏئي هن قومي يڪجهتي کي فروغ ڏنو. هن چيو ته ارڙهين ترميم ذريعي صوبن کي حق ڏيڻ ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري جو اهم ڪردار رهيو، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا فلاحي منصوبا به سندس قيادت جو نتيجو آهن. مصطفىٰ بلوچ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هارين کي انهن جو حق ڏيارڻ ۾ به صدر پاڪستان آصف علي زرداري جو اهم ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته راشد شاهه راشدي جي غير سنجيده ۽ غير سياسي بيان بازي سبب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس کي ملندڙ ٿورا ووٽ به ضايع ٿي ويندا. سنڌ جي عوام عام چونڊن ۾ جي ڊي اي جي ناڪام سياست کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ به جي ڊي اي کي شڪست ٿيندي.