ميهڙ (رپورٽ فراز چنا) ميھڙ ڀرسان فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ فيض محمد ڪولاچي ۾ رشتو نه ڏيڻ تان جوابدار شھمير ڪولاچي گھر تي حملو ڪري ناري ريما ڌي خدا بخش ڪولاچي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس امڙ سيما ڪولاچي کي زخمي ڪرڻ بعد پاڻ کي به گولي هڻي ماري ڇڏيو.
پوليس موجب زخمي عورت کي لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته لاش تعلقي اسپتال ميھڙ آندا ويا.
مقتولا ناري جي پيءُ خدا بخش ڪولاچي چيو ته جوابدار رشتو نه ملڻ تان حملو ڪيو، منهنجي نياڻي جو اڄ ونواهه ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ شادي رٿيل هئي، اسان سان ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.
You might also like