ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ مسلسل 8 ميچن ۾ شڪست کانپوءِ راولپنڊيز پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ راولپنڊيز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. خميس ڏينهن پي ايس ايل 11 جي 34 هين ميچ ۾ راولپنڊيز ٽاس کٽي اسلام آباد کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني.
اسلام آباد يونائيٽيڊ مقرر 20 اوورن ۾ 137 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ڊيون ڪانوري 40 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
جواب ۾ راولپنڊيز 138 رنسن جو هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 19 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. ڪپتان محمد رضوان 45، ڪامران غلام 42 ۽ ڊيرل مچل 32 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.
اهڙي ريت پي ايس ايل 11 ۾ مسلسل 8 ميچن ۾ناڪامي کانپوءِ راولپنڊيز پهرين فتح حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته محمد رضوان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.