جيڪڏهن رانديگر پنهنجي لاءِ هدف مقرر ڪندا ته ڪجهه به ناممڪن ناهي: صاحبزادا فرحان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ۾ حيدرآباد ڪنگزمين هٿان شڪست کانپوءِ ملتان سلطانز جي اسٽار بيٽر صاحبزادا فرحان چيو ته غلطين کي درست ڪري اسلام آباد خلاف مضبوط واپسي ڪنداسين.
اربع جي ڏينهن حيدرآباد ڪنگز مين ملتان سلطانز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني.
ملتان سلطانز مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 213 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اسٽيو سمٿ 106 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ صاحبزادا فرحان 66 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ حيدرآباد ڪنگز مين عثمان خان جي شاندار سينچري جي مدد سان ملتان سلطانز جو 214 رنسن جو هدف 3 بال اڳ ئي حاصل ڪري ورتو.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي صاحبزادا فرحان چيو ته جنهن نموني سمٿ کيڏي رهيو هو ته وڏي اسڪور جي اميد هئي، پر سامهون واري ٽيم کي به ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ آهي، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، بالرن جو ڏوهه ناهي، اڄوڪي غلطين کي سڌاري اسلام آباد خلاف ڀرپور واپسي ڪنداسين.
صاحبزادا فرحان چيو ته رانديگر جيڪڏهن پنهنجي لاءِ هدف مقرر ڪن ته سڀ ڪجهه ممڪن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.