باربيڊوس (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ گلوبل سپر ليگ جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي.
هي ٽورنامينٽ 23 جولاءِ کان پهرين آگسٽ تائين گيانا ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ پاڪستان جي لاهور قلندرز سميت 5 ٽيمون حصو وٺنديون.
ايونٽ ۾ شامل ٻين ٽيمن ۾ آسٽريليا مان پرٿ اسڪارچرز، يو اي اي جي ڊيزرٽ وائپرز، آمريڪا کان سان فرانسسڪو يونيڪورن ۽ ڪيريبين پريميئر ليگ جي ٽيم گيانا ايميزون وارئيرز شامل آهن.
لاهور قلندرز 23 جولاءِ تي پرٿ اسڪارچرز، 24 جولاءِ تي ڊيزرٽ وائپرز، 26 جولاءِ تي گيانا ايميزون ورائيرز ۽ 29 جولاءِ تي سان فرانسسڪو يونيڪورن سان مهاڏو اٽڪائيندي.
پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي ايندڙ ٽيم سڌو ريت فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي، جڏهن ته ٻئي ۽ ٽئين نمبر واريون ٽيمون 31 جولاءِ تي ڪواليفائر کيڏنديون، ايونٽ جو فائنل پهرين آگسٽ تي کيڏيو ويندو.