لاهور (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ڪنگز مين جي فاسٽ بالر محمد علي چيو آهي ته ڪرڪيٽ ٽيم گيم آهي هر ميچ ”ون مين شو“ نٿي ٿي سگهي.
ملتان سلطانز کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد علي چيو ته شروع ۾ اسان جو ڪامبينيشن نه پيو ٺهي، جنهن ڪري ڏکيائيون ٿيون هيون، پر ڪراچي اچڻ کانپوءِ ٽيم مومينٽم پڪڙيو ۽ هاڻي اسان جا پلي آف ۾ پهچڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.
محمد علي موجب، شروعاتي شڪستن باوجود ٽيم جو ماحول هاڪارو رهيو، ٽيم ۾ جارح مزاج بيٽر آهن، ان ڪري مارنس ليبوشين اينڪر وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته عثمان خان جنهن نموني بيٽنگ ڪئي، ان اسان کي کٽڻ واري پوزيشن ۾ آڻي بيهاريو.
صائم ايوب بابت ڳالهائيندي محمد علي چيو ته صائم کي رڳو هڪ سٺي اننگز جي ضرورت آهي.