ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار راجپال يادو انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن منهنجي راڌا سان شادي ٿي ته ماسي اڪثر چوندي هئي ”لنگور کي حور“ ملي وئي آهي.
راجپال يادو تازي انٽرويو ۾ گهرواري راڌا کي پنهنجي بيڪ بون قرار ڏنو ۽ محبت جي ڪهاڻي بيان ڪئي.
هن چيو ته اسان ڪيلگري ۾ مليا هئاسين، مون کي اڄ به سمجهه ۾ نٿو اچي ته اتر پرديش جي شخص کي اتي جيون ساٿي ڪيئن ملي ويو پر اهو سڀ تمام خوبصورت رهيو، ان وقت اندازو نه هو ته هوءَ منهنجي بيڪ بون بڻجي ويندي.
راجپال يادو کلندي چيو ته منهنجي ماسي چوندي هئي لنگور کي حور ملي وئي آهي ۽ مون کي به ائين ئي محسوس ٿيندو هو.
سندس چوڻ هو ته مان سدائين عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، ماءُ کان وٺي هڪ ساٿي تائين توهان جي زندگي کي سنوارڻ ۾ عورتون مختلف ڪردار ادا ڪنديون آهن، گهرواري سبب مسڪرائيندو آهيان ۽ اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان ان جي دعائن جي ڪري آهيان.
راجپال يادو چيو ته راڌا منهنجي ڪم تي راءِ ڏيندي آهي ۽ تنقيد ڪندي پڇندي آهي ته ڇا توهان کي هيءَ فلم ڪرڻي هئي؟ ڇو ته هوءَ خوشامد تي يقين ناهي رکندي ۽ کليل نموني ڳالهائيندي آهي.
You might also like