ايران آبناءِ هرمز ۾ ٻن بحري جهازن تي قبضي جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آبناءِ هرمز ۾ ٻن بحري جهازن تي قبضو ڪرڻ جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي.
ايراني بحريا جهازن تي قبضي جو سبب ٻڌائيندي چيو ته آبناءِ هرمز جي حفاظتي انتظامن کي خطري ۾ وجهڻ تي جهازن کي قبضي ۾ ورتو ويو ۽ انهن کي ايراني سمنڊ تي منتقل ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن آمريڪا جي جنگ کاتي طرفان آمريڪي ڪانگريس کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ ايران طرفان وڇايل بارودي سرنگهون هٽائڻ ۾ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا.
آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ موجب ان نوعيت جي ڪارروائي فوري طور شروع نه ڪئي ويندي ۽ ان جو دارومدار آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.