اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پهلگام فالس فليگ آپريشن کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر ڀارت اڄ تائين پنهنجي موقف جي حمايت ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي، جيڪو ثبوت آهي ته پهلگام واقعو فالس فليگ آپريشن هو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته اڄ پهلگام فالس فليگ آپريشن کي هڪ سال ٿي ويو آهي، پر ڀارت پهلگام فالس فليگ آپريشن تي سوالن جا اطمينان بخش جواب نه ڏئي سگهيو آهي، صرف 10 منٽن اندر ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ظاهر ڪري ٿو ته متن اڳ ۾ ئي تيار ڪيو ويو هو.هن چيو ته عالمي ميڊيا، ڀارتي سول سوسائٽي، سياستدانن، ٿنڪ ٽينڪس به پهلگام واقعي تي سنجيده سوال اٿاريا، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا وٽ ڪو به مضبوط ثبوت ۽ قابل اعتبار ثبوت نه هو. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن تي تشدد ڪيو پيو وڃي، هندوتوا نظريي جي ڪري ڀارت ۾ اقليتن جا حق کسيا پيا وڃن، مختلف ملڪن ۾ سک اڳواڻن جي قتل جا ثبوت ڀارتي رياست جي ملوث هجڻ جي نشاندهي ڪن ٿا. عطا تارڙ چيو ته ڀارت دهشتگردي کي رياستي پاليسي طور استعمال ڪري ٿو، ڀارت عالمي سطح تي دهشتگردي جهڙن واقعن ۾ ملوث رهيو آهي، فتنہ الھندوستان بي ايل اي ۽ فتنہ الخارج ٽي ٽي پي ذريعي پاڪستان ۾ بدامني کي فروغ ڏنو پيو وڃي، پاڪستان وٽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت آهن، جعفر ايڪسپريس ۽ خضدار واقعن سميت ٻين دهشتگرد واقعن ۾ ڀارت جي ڪردار جا ناقابل ترديد ثبوت آهن، وقت بوقت عالمي برادري ۽ عالمي ميڊيا سان به ثبوتن جو تبادلو ڪيو ويو آهي.