تهران (ع آ نيوز) نار ۾ ڇڪتاڻ سبب ساموندي سيڪيورٽي صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي، جتي آبناءِ هرمز ڀرسان ٻن مختلف بحري جهازن تي فائرنگ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. ميري ٽائم ذريعن موجب هڪ جهاز اطلاع ڏنو ته ان تي ايران جي سمنڊ ڀرسان تقريبن 8 ناٽيڪل ميل (15 ڪلو ميٽر) اولهه ۾ فائرنگ ڪئي وئي پر خوش قسمتي سان سمورو عملو محفوظ رهيو. ان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ هڪ ٻئي ڪارگو جهاز تي عمان ڀرسان 15 ناٽيڪل ميل (28 ڪلو ميٽر) اتر اوڀر ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز جي برج کي سخت نقصان پهتو. ذريعن موجب متاثر جهاز ايم ايس سي فرانسسڪا، دمام کان سنگاپور وڃي رهيو هو.ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب اها ڪارروائي سامونڊي قانونن تحت ڪئي وئي، ڇو ته لاڳاپيل جهاز جاري ڪيل وارننگز کي نظرانداز ڪيو هو.پاسداران انقلاب جي بحريا جو چوڻ آهي ته ايم ايس سي فرانسسڪا ۽ ايپامينونڊاس کي تحويل ۾ وٺي ايراني سمنڊ تي منتقل ڪيو پيو وڃي.