وزيراعظم سان ايراني سفير جي ملاقات، امن ڪوششن تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن معاملن ۽ خطي جي تازي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب، ملاقات ۾ خطي جي موجوده صورتحال ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.وزيراعظم ۽ ايراني سفير علائقائي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.ذريعن موجب، پاڪستان پاران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي  دور لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن ته جيئن خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.