ملير هالٽ انڊر پاس جي اڏاوت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جي هدايت، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي تي اتفاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير حنيف عباسي ملير هالٽ انڊر پاس جي تعمير لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وزير حنيف عباسي وفدن سان گڏ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شرجيل ميمڻ، ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه شريڪ ٿيا.
وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ سب اربن ٽرين سروس بحال ڪرڻ تي اتفاق ٿيو، ان کانسواءِ ڪراچي کان روهڙي ۽ ڪراچي کان جيڪب آباد نئين ٽرين سروس شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي فوري طور سستي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ضرورت آهي، ريلوي واري وزير چيو ته گڏيل ڪوششن سان ريلوي نظام کي جديد ۽ اعتماد جوڳو بڻايو ويندو.
ان موقعي تي چيف سيڪريٽري چيو ته سنڌ حڪومت ملير هالٽ تي انڊر پاس تعمير ڪرڻ چاهي ٿي، ريلوي کان اين او سي ۾ دير سبب انڊر پاس منصوبو شروع ناهي ٿي سگهيو.
ان تي حنيف عباسي ملير هالٽ انڊر پاس جي تعمير لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.