شڪارپور(ڊ ر ) شڪارپور ۾ جي يو آءِ جي گڏجاڻي کي علامه راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو آهي جي يو آءِ سنڌ پاران 19، 20 ۽ 21 مارچ 2027 تي سکر ۾ وڏو عالمي اجتماع منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ آمريڪا کان آفريقا تائين دنيا جي مختلف ملڪن مان امن جا سفير شرڪت ڪندا۔ ڪعبي شريف، مسجد نبوي صلعم ۽ مسجد اقصيٰ جا امام شرڪت ڪندا. هن چيو ته ايران کان پاڪستان تيل خريد ڪري ته تيل جون قيمتون گھٽجي سگھن ٿيون افسوس آهي جو اسان جي بجيٽ آءِ ايم ايف ٺاھي رھي آھي ،هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ھئي جي يو آئي ان تي سنڌ ۾ مارچ ڪيا جنھن تي سنڌ حڪومت سرينڊر پاليسي ٺاھي ان پاليسي ۾ حڪومت ڏوھارين کي ريڊ ڪارپيٽ تي گھرائي عمده طعام پئي کارائي اسان گورنمينٽ جي اھڙي پاليسي جي خلاف آھيون ھن چيو ته تعليمي ادارن ۾ ظلم لڳو پيو آهي فهميده لغاري خودڪشي ڪري ڇڏي عزت جو سودو نه ڪيو هن چيو ته فوج جو ڪم بارڊر سنڀالڻ آھي ملڪي معاملا عوام جا چونڊيل نمائندا پاڻ پاليسيون ٺاھي ھلائيندا ھاڻي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي ان موقعي تي مولانا عبدالقيوم ھاليجوي، سراج احمد شاه امروٽي،مفتي سعود افضل هاليجوي، عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا محمد صالح انڍڙ،ڊاڪٽر اي جي انصاري.سليم سنڌي.مولانا،عبدالله مهر، محمد طيب ميکو، اسامه هاليجوي ٻين خطاب ڪيو