اسلام آباد/ ڪراچي (ارباب چانڊيو) ملڪ جي سياسي افق تي هن وقت ”ڪجهه ته آهي“ واري صورتحال ڇانيل آهي. ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي حڪومت جي طاقتور حلقن جي وچ ۾ ”اقتداري فارمولن“ تي اختلاف پيدا ٿي ويا آهن، جنهن ڪري صدر پاڻ کي اهم معاملن کان پري رکي رهيو آهي. جڏهن آمريڪي ۽ ايراني وفد اسلام آباد پهچڻ وارا آهن، تڏهن صدر زرداري جي سرگرمين بابت سوال اٿي رهيا آهن. اطلاعن موجب صدر زرداري 25 تاريخ تي چين جي دوري تي روانو ٿي سگهي ٿو.جيڪڏهن آمريڪي ۽ ايراني وفد ڪراچي يا اسلام آباد ۾ موجود هوندا، ته صدر جو چين يا دبئي وڃڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏيندو.اها ڳالهه گردش ڪري رهي آهي ته ڇا صدر کي ڳالهين کان پري رکيو پيو وڃي يا هو پروٽوڪول جي معاملن سبب پاڻ پري آهي؟پيپلز پارٽي جي هڪ سينيٽر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ”اقتداري فارمولي“ ۾ ڪجهه ڏار پيا آهن. فارمولي موجب اڌ مدو شهباز شريف ۽ اڌ مدو بلاول ڀٽو زرداريءَ کي وزيراعظم ٿيڻو هو، پر هاڻي ان ۾ ڪا گڙٻڙ نظر اچي رهي آهي. ان ڪري آصف علي زرداري ۽ طاقتور حلقن جي وچ ۾ فاصلو وڌي ويو آهي.ذريعن بلوچستان جي هڪ صوبائي وزير جي حوالي سان ٻڌايو ته اتي به صورتحال مشڪوڪ آهي. بلوچستان جي پارلياماني پارٽي صدر زرداري سان ملاقاتون ڪري رهي آهي پر وڏو وزير سرفراز بگٽي انهن ۾ موجود ناهي هوندو. جڏهن ته يار محمد رند جا پنهنجا مطالبا سامهون اچي رهيا آهن. صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته ”معاملو اڃا ڪليئر ناهي“، جنهن جو مطلب آهي ته بلوچستان جي حڪومت ۾ وڏي تبديليءَ جو امڪان آهي. صدر زرداري جي 25 اپريل تي امڪاني چين جي دوري دوران وڏو وزير سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري به ساڻس گڏ هوندا. ان دوري ۾ کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ جا فلٽر پلانٽ ۽ لائيو اسٽاڪ جي ويڪسين بابت ياداشت نامن تي صحيحون ٿيڻيون آهن. تجزئي نگارن موجب، اسلام آباد ۾ اها به ڳالهه هلي رهي آهي ته صدر زرداريءَ جا يو اي اي سان ويجها لاڳاپا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ ٻه ڪيمپون بڻيل آهن؛ هڪ سعودي عرب ۽ آمريڪا سان گڏ آهي، ٻي چين ۽ ايران سان. ڇا صدر جي انهن لاڳاپن تي به ڪو اثر پيو آهي؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. صدر زرداري هن وقت انتهائي صبر ۽ تحمل سان صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي. امڪان آهي ته قرباني واري عيد تائين هو ڪو به سخت ردعمل ظاهر نه ڪندو، پر عيد کانپوءِ هو پنهنجا پتا شو ڪري سگهي ٿو. ”ڪجهه ته آهي جنهن جي پرده داري آهي“، پر اها پرده داري عيد کانپوءِ ختم ٿي ويندي