روڊن جي منصوبن ۾ رنڊڪون فوري طور ختم ڪري ڪم تيز ڪيو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته روڊن جي بنيادي ڍانچي جا منصوبا صوبي جي معيشت لاءِ لائف لائن جي حيثيت رکن ٿا، جن کي پائيدار بڻائڻ ۽ مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ملي سگهي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، جنهن ۾ 2025-26 جي وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي اسڪيمن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ايندڙ مالي سال 2026-27 لاءِ حڪمت عملي کي  حتمي شڪل ڏني وئي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وزير ڄام خان شورو، ورڪس اينڊ سروسز واري وزير حاجي علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته روڊن جي بنيادي ڍانچي جا پنج وڏا منصوبا، جن جي مجموعي لاڳت 140.9 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪاسٽ شيئرنگ تحت جاري آهن. انهن منصوبن ۾ 36 ڪلوميٽر سنڌ ڪوسٽل هائي وي جي واڌ، 150 ڪلوميٽر روهڙي – گڊو بئراج روڊ جي بهتري، 31.4 ڪلوميٽر ٽنڊوالهيار – ٽنڊو آدم روڊ کي ٻه طرفو ڪرڻ، 135 ڪلوميٽر مهران هائي وي (نوابشاهه – راڻيپور) کي ٻه طرفو ڪرڻ، 221 ڪلوميٽر سانگھڙ – روهڙي (N-5) روڊ جي بهتري جا منصوبا شامل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هن مالي سال ۾ 17.94 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن. سيد مراد علي شاهه ڪم جي رفتار تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته منصوبن جي وچ ۾ رنڊڪون بڻيل يوٽيليٽي لائينن، بجلي جي پولن ۽ حددخلين کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ايندڙ سال لاءِ نون منصوبن جي منظوري پڻ ڏني وئي، جن ۾ جيڪب آباد باءِ پاس کان ڪنڌ ڪوٽ تائين واڌو ڪيئريج وي (100 ڪلوميٽر)، ٺٽو – سجاول – بدين روڊ کي ٻه طرفو ڪرڻ (112 ڪلوميٽر) ۽ دادو کان ڏوڪري تائين ٻه طرفو روڊ (84 ڪلوميٽر) شامل آهن. وڏي وزير چيو ته اهي منصوبا لاڙ ۽ اتر سنڌ ۾ واپار ۽ زراعت کي نئين سري سان سرگرم ڪندا. آخر ۾ وڏي وزير سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي منصوبا عوام جي زندگين ۾ هاڪاري تبديلي آڻڻ جو ذريعو بڻجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.