لاهور(بيورو)جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نار جي ملڪن کي سمجهڻو پوندو ته آمريڪي ايئر بيسز سندن لاءِ فائدي بدران نقصان جو سبب بڻجي رهيا آهن، جڏهن ته حڪمرانن کي ملندڙ عروج عارضي آهي،لاهور ۾ سينيئر صحافين ۽ اينڪرن سان خاص ويهڪ دوران هن وچ اوڀر، نار جي ملڪن، علائقائي صورتحال ۽ پاڪستان جي اندروني سياست تي تفصيلي خيال ونڊيا۔مولانا فضل الرحمان چيو ته آمريڪا جا فوجي اڏا خليجي ملڪن جي سلامتي لاءِ فائدي کان وڌيڪ خطرا پيدا ڪري رهيا آهن۔ هن چيو ته پاڪستان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي دنيا کي ٽئين عالمي جنگ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر موجوده حڪمرانن جو عروج عارضي آهي ۽اسان کي پاليسين ۾ مستقل بهتري آڻڻ ضروري آهي۔هن چيو ته جيڪڏهن موجوده حالتون برقرار رهيون ته عالمي جنگ جو خطرو وڌي سگهي ٿو، ڇو ته ٻيون وڏيون طاقتون به تڪرار ۾ شامل ٿي سگهن ٿيون۔مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان کي آزاد ڪري سياسي عمل ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته تحريڪ انصاف سان رابطن باوجود ڪو نتيجو حاصل نه ٿي سگهيو آهي۔ هن سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي معاهدي کي پڻ ساراهيو۔هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽افغانستان وچ ۾ معاملن ۾ هڪ ڌر کي جلدي آهي جڏهن ته ٻي ڌر کي وقت گهرجي، جنهن ڪري حالتون پيچيده بڻجي رهيون آهن۔سندس چوڻ هو ته سي پيڪ اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ سست ٿي ويو ۽ اڃا تائين مڪمل طور بحال نه ٿي سگهيو آهي، سوال اهو آهي ته پاليسي ۾ تسلسل ڇو ناهي،سي پيڪ ۽ چين پاليسي جي حوالي سان اسان اڃا به اتي بيٺل آهيون،هن چيو ته 2018 ۽ 2024 جون چونڊون هڪ جهڙيون ٿيون آهن ۽ ان جو تسلسل ضمني چونڊن ۾ به نظر اچي ٿو۔ سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام سياستدانن تي لڳندا آهن، پر پاڪستان ۾ ادارن تي لڳن ٿا۔ديني مدرسن لاءِ مشرف،عمران خان ۽ موجوده دور جي پاليسي هڪ جهڙي آهي،هن چيو ته دنيا ۾ ڪميونزم ۽ جمهوريت ختم ٿي رهي آهي،چين ۾ به ڪميونزم ناهي رهيو،دنيا ۾ سرمائيدارايت،آمريت ۽ عسڪريت جو اشتراڪ سان نظام هلي رهيو آهي،ان ويهڪ ۾ سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي، حفيظ الله نيازي، سهيل وڙائچ، افتخار احمد، حبيب اڪرم، نوشاد علي ۽ محمد الياس پڻ شامل هئا۔