اسلام آباد(بيورو)ملڪ ۾ هلندڙ مالي سال 2025-26 جي پهرين 9 مهينن دوران مهانگائي جي شرح ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔منصوبابندي واري وزارت جي جاري ڪيل ماهوار ترقياتي رپورٽ موجب جولاءِ کان مارچ تائين مهانگائي جي شرح وڌي 5.7 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪا گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 5.3 سيڪڙو هئي۔رپورٽ موجب هن عرصي دوران برآمدات ۾ 1.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته درآمدات ۾ 8.3 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 33.4 سيڪڙو نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي۔ ايف بي آر 10.1 سيڪڙو واڌ سان 9306 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيا، جڏهن ته گذريل سال هن عرصي ۾ 8453 ارب رپيا گڏ ٿيا هئا۔ ان دوران ترسيل زر ۾ به لڳ ڀڳ 8.2 سيڪڙو واڌ ٿي۔رپورٽ مطابق 9 مهينن دوران ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين 30 ارب 30 ڪروڙ ڊالر موڪليا، جڏهن ته گذريل سال اهو انگ 28 ارب ڊالر هو۔جولاءِ کان مارچ تائين پاڪستان جون برآمدات 30 ارب 60 ڪروڙ ڊالر رهيون، جيڪي گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 30 ارب 90 ڪروڙ ڊالر هيون۔ساڳئي عرصي ۾ 56 ارب 30 ڪروڙ ڊالر جون شيون درآمد ڪيون ويون، جڏهن ته گذريل سال اهو انگ 51 ارب 90 ڪروڙ ڊالر هو۔رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 33.4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي۔