لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) ناليواري هالي ووڊ اداڪارا اين هيٿوي کي پيپل ميگزين 2026 جي دنيا جي سڀ کان خوبصورت اسٽار قرار ڏئي ڇڏيو.
اداڪارا انسٽاگرام تي پيپل ميگزين جو ڪور شيئر ڪيو ۽ ان اعزاز تي شڪريو ادا ڪيو.
انٽرويو ۾ پنهنجي 2006 جي فلم ”دي ڊيول ويئرز پراڊا“ بابت ڳالهائيندي 44 ورهين جي آمريڪي اداڪارا جو چوڻ هو ته تمام گهڻي دٻاءُ باوجود هي فلم اڄ به سندس لاءِ سڀ کان يادگار تجربن منجهان هڪ آهي.
ان موقعي تي هن پنهنجي ساٿي اداڪارن جو ذڪر پڻ ڪيو ۽ چيو ته ايميلي بلنٽ شاندار انسان آهي، اسٽينلي ڏاڍي مزاحيه ۽ حاضر جواب آهي، جڏهن ته ميرل اسٽريپ بابت، ائين نٿي چوان ته مان سندس ڪيتري عزت ڪريان ٿي پر هوءَ حقيقت ۾ احترام جوڳي شخصيت آهي.
واضح رهي ته ان فلم جو سيڪوئل ”دي ڊيول ويئرز پراڊا 2“ پهرين مئي تي رليز ٿيڻ وارو آهي.
ويجهڙائي وارن سالن دوران اين کي ڪيترن ئي وڏن اعزازن سان نوازيو ويو آهي جن ۾ اڪيڊمي ايوارڊ، بافٽا، گولڊن گلوب ۽ پرائم ٽائم ايمي ايوارڊ شامل آهن.
سندس فلمن عالمي باڪس آفيس تي مجموعي طور تي 6.8 ارب ڊالرن کان وڌيڪ منافعو ڪمايو، هوءَ 2015 ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارائن ۾ شامل هئي.
You might also like