ويرات ڪوهلي جي شخصيت ۽ راند تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي: نواڪ جوڪووچ

ميڊريڊ (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ انڪشاف ڪيو ته کيس ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهليءَ جي ڪري ٿي.
ميڊريڊ ۾ هڪ ايوارڊز تقريب دوران خيالن جو اظهار ڪندي سربيا سان تعلق رکندڙ ٽينس چيو ته اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي نه رڳو سندس دوست آهي پر هو سندس شخصيت ۽ راند کان به تمام گهڻو متاثر آهي.
سندس چوڻ هو ته ويرات منهنجو دوست آهي، مان سندس تمام گهڻي عزت ڪريان ٿو ۽ هن مان متاثر آهيان، حقيقت اها آهي ته ويرات ڪوهلي جي ڪري ئي مون ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.
نواڪ جوڪووچ وڌيڪ چيو ته اسان ٻئي هڪٻئي سان رابطي ۾ رهندا آهيون ۽ ويرات جي ڪري ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي وڌي آهي، اميد آهي ته جڏهن مان ڀارت ويندس ته هو مون سان گڏ هوندو ۽ پوءِ اسان ٿوري ٽينس ۽ ٿوري ڪرڪيٽ کيڏنداسين، مزو ڪنداسين، ماڻهن ۾ خوشيون ورھائينداسين ۽ راند جو جشن ملهائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.