طاقت جي زور تي ڳالهيون ممڪن ناهن، دٻاءُ اڳيان نه جهڪڻ اسلامي اصول آهي: ايران

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مقدم جو چوڻ آهي ته اها عالمي حقيقت آهي ته عظيم تهذيب رکندڙ ملڪ ڌمڪي ۽ جبر هيٺ ڳالهيون نه ڪندو آهي.
هن چيو ته دٻاءَ ۽ طاقت جي استعمال تحت ڳالهيون نه ڪرڻ هڪ مضبوط اسلامي اصول آهي.
ايراني سفير چيو ته اهڙن اصولن جي موجودگي ۾ ڌمڪين جي پاڇي هيٺ ڳالهيون ممڪن ناهن، ڪاش آمريڪا ان حقيقت کي سمجهي سگهي ها ته تهذيبون دٻاءُ اڳيان نه جهڪنديون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.