شڪارپور (رپورٽ زاھد سنجراڻي)شڪارپور ۾شيخ بروھي تڪرار تان مارجي ويل نوجوان جاني شيخ جي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾تدفين، شيخ بروھي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان جاني شيخ جي جنازي نماز گھر ٻاھران ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان چڻنگي مقام ۾ تدفين ڪئي وئي، مارجي ويل نوجوان جو قتل ڪيس نيو فوجداري ٿاڻي تي سندس پڦاٽ امجد شيخ جي فرياد تي 14 سڃاتل ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن سوڌو بروھي برادري جي سورنهن جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو، قتل ڪيس ۾ شھر جي ڀٽائي ڪالوني وارڊ ست تان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي کٽيل اميدوار بابر بروھي ۽ وڪيل ديدار بروھي پڻ جوابدارن ۾ شامل آهن پوليس پاران ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وڪيل شھباز بروھي ۽ ديدار بروھي جي بروھي ڪالوني واري گھر تي چڙھائي ڪئي پوليس بروھي ڪالوني کي ڪڙو چاڙهي گھر گھر تلاشي ورتي، جوابدار پوليس جي پھچڻ کان اڳ ئي فرار ٿي ويا، پوليس ڀٽائي ڪالوني ۾ پي پي ڪائونسلر بابر بروھي جي گھر تي پڻ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپو ھنيو ڇاپي دوران پوليس کي ڪو به جوابدار نه مليو جنھن بعد پوليس بروھي ڪالوني ۽ ڀٽائي ڪالوني ۾ جوابدارن جي گھرن آڏو ڪيمپ قائم ڪري ورتي، ڏيڍ سال اڳ وڪيل شھباز بروھي جي ڀاءُ واحد بخش عرف واحدو بروھي پھنجي گھر واري کي شيخ برادري جي نوجوان لعل شيخ سان ڪارنھن الزام ڏئي گھر واري ۽ نوجوان کي قتل ڪيو هو جنھن تان ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو، جنهن کان پوءِ شيخ برادري جي ماڻھن ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿيل نوجوان لعل شيخ جي پلاند ۾ گھر واري ۽ نوجوان کي قتل ڪندڙ واحد بخش بروھي ۽ سندس پٽ تنوير بروھي کي قتل ڪري ڇڏيو، ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا عورت سميت پنج ڄڻا قتل ٽي کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، جيھڙيندڙ ڌرين م ٺاھ ڪرائڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلا شيخ برادري پاران موڪليا ويا هئا پر بروهي برادري ٺاهه کان انڪار ڪيو هو.